اسلام آبادپاڪستان

سائفر بابت عمران جي آڊيو ليڪس تي ايف آءِ اي جي 5 رڪني جاچ ڪميٽي قائم

اسلام آباد : گهرو وزارت جي حڪمن تي سائفر آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ ايف آءِ اي جي پنج رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. گهرو وزارت جي حڪمن تي ڊي جي ايف آءِ اي پنج رڪني ٽيم جوڙي ڇڏي آهي، ڊائريڪٽر ايف آءِ اي اسلام آباد ڪمٽي جو سربراهه هوندو. انڪواري ٽيم جي ٻين ميمبرن ۾ ايديشنل ڊائريڪٽر ايف آءِ اي سائبر ڪرائم اسلام آباد، ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪائونٽر ٽيررازم ونگ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ايف آءِ اي ۽ ٽيم جي سربراهه طرفان ڪو مقرر ڪيل آفيسر شامل هوندا. ڊي جي ايف آءِ اي معاملي جي حساسيت کي ڌيان ۾ رکندي انڪوائري ٽيم ۾ آءِ ايس آءِ، ايم آءِ ۽ آءِ بي مان هڪ هڪ آفيسر مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button