اسلام آبادپاڪستان

عمران جي حڪم تي باٿ روم ۾ بند ڪيو ويو:بشير ميمڻ

اسلام آباد:اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ انڪشاف ڪيو آھي تھ عمران خان جي حڪم تي مون کي باٿ روم ۾ بند ڪيو ويو هو. بشير ميمڻ هيڪر جي ٽوئيٽ جي تصديق ڪندي چيو آھي تھ عمران خان جي حڪم تي باٿ روم ۾ بند ڪيو ويو ۽ پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو هو. بشير ميمڻ موجب عمران خان منهنجي آڏو مريم نواز خلاف ڪِريل ٻولي استعمال ڪئي، جنهن تي مون کي ڪاوڙ آئي ۽ هن وڏي آواز ۾ عمران خان کي جواب ڏنو. جواب ايڏو سخت هيو جو بس رڳو گار ڏيڻ رهجي وئي هئي. بشير ميمڻ چيو ته منهنجو لهجو ڏسي اعظم خان هٿ پڪڙي باٿ روم ۾ وٺي ويو ۽ ٻاهران دروازو بند ڪري ڇڏيو. اعظم خان چيو ته وزيراعظم کي ائين پيو چوين. هيڪر ان واقعي کانسواءِ تمام گهڻيون ڳالهيون ڪالهه پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪيون پر هنيئر تائين انهن ڳالهين جي تصديق ناهي ٿي سگهي. جڏهن ته بعد ۾ هيڪر پنهنجون ٽوئيٽس ڊيليٽ ڪري ڇڏيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button