اسلام آبادپاڪستان

آرمي چيف جي مقرري هلندڙ مهيني جي آخر ۾ شروع ٿي ويندي:خواجا آصف

اسلام آباد : بچاءُ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري وارو عمل هلندڙ مهيني جي آخر يا ايندڙ مهيني جي شروعات ۾ شروع ٿي ويندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا آصف جو چوڻ هو ته عمران خان کي نومبر جا دورا پئجي رهيا آهن پر الله جي ڪرم سان نومبر به آرام سان گذري ويندو. هن چيو ته آرمي چيف جي مقرري لاءِ پنج نالا ايندا آهن انهن مان ڪنهن جي به مقرري ٿي سگهي ٿي. خواجا آصف چيو ته عمران خان ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هو وزيراعظم جي عهدي لاءِ اهل نه هيو، جڏهن آر ٽي ايس ويهندو آهي ته عمران خان جهڙا ماڻهو ايندا آهن، عمران خان جيڪو هٿ کارائيندو آهي ان کي چڪ پائيندو آهي. عمران خان جيترو وقت به اقتدار ۾ رهيو اها ڪنهن جي مهرباني هئي ۽ اڄ ڪهڙي ٻولي استعمال ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جلسن ۾ وڏيون ڀڀڪيون هڻندو آهي، ملاقاتن ۾ وري پيرن پوندو ۽ معافيون وٺندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button