پاڪستان

پاڪستان ڪشمير تڪرار جو تڪڙو حل چاهي ٿو: جنرل قمر جاويد باجوا

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا آمريڪا جو دورو مڪمل ڪري ڏيهه واپس روانو ٿي ويو آهي. اهم دوري دوران آرمي چيف آمريڪي بچاءُ واري وزير سميت صدر بائيڊن انتظاميه جي اعليٰ عهديدارن سان ملاقاتون ڪيون ۽ پاڪستاني سفارتخاني ۾ ٿيل تقريب کي به خطاب ڪيو. ذريعن موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا افغانستان، چين ۽ ڀارت جي معاملن تي به ڳالهايو. آرمي چيف جو چوڻ هو ته پاڪستان ڪشمير جي تڪرار جو جلد حل چاهي ٿو. آمريڪي دوري تي ٿيل ملاقاتن ۾ جنرل باجوا پاڪ- آمريڪا لاڳاپن ۾ بهتري، واپار ۽ سيڙپڪاري تي زور ڏنو. جنرل باجوا چيو ته پاڪستان آمريڪا جو ڊگهي مدي جو ڀائيوار رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button