اسلام آبادپاڪستان

سياسي تڪرار پارليامينٽ ۾ وڃي وڙهو،پٽيشن نه ٻڌنداسين:اسلام آباد ها ڪورٽ

اسلام آباد:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله پي ٽي آءِ ميمبرن جي استعيفائن واري ڪيس جي شنوائي دوران چيو ته هي سياسي تڪرار آهن، سياسي جهيڙا ختم ڪرڻ جي جڳهه پارليامنٽ آهي. اوهان کي مسئلن جي حل لاءِ سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. پارليامينٽ کي گهٽ سمجهڻ واري پٽيشن نه ٻڌنداسين. وڃو ۽ پنهنجي سياسي ويڙهه عدالت کان ٻاهر وڙهو. عدالت پي ٽي آءِ جي وڪيل کي چيو ته اوهان کي پنج ڏينهن ڏيون ٿا، عدالت کي مطمئن ڪريو ته اوهان واپس وڃڻ چاهيو ٿا. درخواست گذارن حلفي بيان ڏئي ڇڏيا آهن ته پارليامينٽ جي بائيڪاٽ واري پارٽي پاليسي کي نٿا مڃون. ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله پي ٽي آءِ ميمبرن جي استعيفائن واري درخواست تي شنوائي ڪئي. ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ طرفان وڪيل بيئرسٽر علي ظفر عدالت ۾ پيش ٿيو. ان دوران چيف جسٽس چيو ته عدالت کي پارليامينٽ جو احترام آهي، ڇا اها سياسي پارٽي جي پاليسي آهي؟ اڃا تائين ٻين جي استعيفائون منظور ناهن ٿيون، عوام ڀروسو ڪري نمائندن کي پارليامينٽ اماڻيو آهي. درخواست گذار چيو ته عدالت اسپيڪر کي حڪم ڏي ته هو استعيفائن بابت پنهنجي ذميواري ادا ڪري. ان تي چيف جسٽس چيو ته هي عدالت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي هدايتون جاري نٿي ڪري سگهي، عدالت شڪور شاد جي ڪيس به رڳو نظرثاني جو چيو آهي. جسٽس اطهر من الله چيو ته هي سياسي تڪرار آهن، سياسي جهيڙا ختم ڪرڻ جي جڳهه پارليامنٽ آهي. اوهان کي مسئلن جي حل لاءِ سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. جن ميمبرن استعيفائون ڏنيون ڇا اهي واقعي عوام جي خدمت ڪرڻ چاهين ٿا؟ اهو انهن ميمبرن جو فرض آهي هو پارليامنٽ ۾ عوام جي نمائندگي ڪن. هي رڳو ميمبرن جو نه تڪ جي انهن ماڻهن جو مسئلو آهي جيڪي بنا نمائندگي جي آهن، جن پي ٽي آءِ ميمبرز جون استيعفائون منظور ناهن ٿيون اُهي پارليامينٽ ۾ ويهن. چيف جسٽس چيو ته ستر ورهين دوران عدالتون تمام گهڻو سياسي معاملن ۾ ملوث رهيون آهن جنهن عدليا جي اداري کي نقصان رسيو آهي. بيئرسٽر علي ظفر پنهنجن دليلن ۾ چيو ته اوهان استعيفائن جي منظوري جو آرڊر معطل ڪيو ته اسپيڪر سان ڳالهيون ڪري سگهون ٿا. ان تي چيف جسٽس چيو ته عدالت سياسي ڊائيلاگ لاءِ اوهان کي سهولت فراهم نه ڪندي. پٽيشنرز چئي رهيا آهن ته پارليامنٽ کي نٿا مڃون، هو سياسي عدم استحڪام برقرار رکڻ چاهين ٿا جيڪو ملڪي مفاد ۾ ناهي. اوهان پارليامينٽ وڃي پنهنجي نيڪ نيتي ثابت ڪريو. چيف جسٽس اطهر من الله سوال ڪيو ته اوهان چئي رهيا آهيو ته استعيفائن وارو نوٽيفڪيشن معطل ڪيون ته جيئن اوهان بائيڪاٽ ڪيو. عدالت چيو ته اوهان کي پنج ڏينهن ڏيون ٿا، پنجن ڏينهن اندر مطمئن ڪيو ته اوهان واپس وڃڻ چاهيو ٿا، درخواست گذار حلفي بيان ڏنا آهن ته پارليامنٽ جي بائيڪاٽ واري پارٽي پاليسي کي نٿا مڃون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button