اسلام آبادپاڪستان

سارا انعام ڪيس ۾ جوابدار 14 ڏينهن جي ريمانڊ تي جيل منتقل

اسلام آباد :اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت سارا انعام قتل ڪيس جي مک جوابدار شاهنواز امير جو جسماني ريمانڊ ختم ٿيڻ تي 14 ڏينهن جڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو. شاهنواز امير کي 23 سيپٽمبر تي اسلام آباد جي علائقي شهزاد ٽائون جي هڪ فارم هائوس ۾ مبينا طور تي پنهنجي ڪينيڊين شهريت رکندڙ زال کي قتل ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. شروعاتي طور تي کيس گرفتاري جي هڪ ڏينهن کان پوءِ پوليس جي تحويل ۾ڏنو ويو هو، جنهن کان پوءِ جسماني ريمانڊ جي مدي ۾ ڪيترائي ڀيرا واڌ ڪئي وئي. گذريل شنوائي تي عدالت ان جي ريمانڊ ۾ ٽن ڏينهن جي واڌ جي اجازت ڏني هئي جيڪا ختم ٿي وئي. شاهنواز کي جسماني ريمانڊ جو مدو ختم ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي پوليس سندس جڊيشل ريمانڊ طلب ڪيو. عدالت پوليس جي اپيل منظور ڪندي شاهنواز کي 14 ڏينهن جڊيشل ريماند تي جيل اماڻي ڇڏيو. شاهنواز خلاف اسلام آباد جي چڪ شهزاد ٿاڻي ۾ ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button