اسلام آبادپاڪستان

19 ملين پائونڊن جي پاڪستان منتقلي،عمران ڪابينا جي ميمبرن کي نوٽيس

اسلام آباد:نيب برطانيا مان 19 ملين پائونڊن جي پاڪستان منتقلي جي معاملي تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ڪابينا جي ميمبرن کي نوٽيس موڪلي ڇڏيو. نيب برطانيا مان رقم جي پاڪستان منتقلي ۽ اها نجي اڪائونٽن ۾ وڃڻ جي جاچ ڪري رهيو آهي ۽ ان ئي معاملي جي انڪوائري لاءِ مراد سعيد ۽ غلام سرور خان کي 11 آڪٽوبر تي پيش ٿيڻ جو نوٽيس موڪليو ويو آهي. اڳوڻي بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ کي 12 آڪٽوبر ۽ اڳوڻي وفاقي وزير زبيده جلال کي 13 آڪٽوبر تي پيش ٿيڻ جو نوٽيس موڪليو ويو آهي. جڏهن ته حماد اظهر کي 13 آڪٽوبر تي پيش ٿيڻ جو چيو ويو آهي. نوٽيس ۾ شفقت محمود ۽ شيرين مزاري کي 14 آڪٽوبر تي پيش ٿيڻ جو چيو ويو آهي. جڏهن ته خالد مقبول صديقي ۽ اعجاز شاهه کي 17 آڪٽوبر تي پيشي جو نوٽيس ڏنو ويو آهي. علي امين گنڊاپور ۽ فروغ نسيم کي 18 آڪٽوبر تي پيش ٿيڻ جو چيو ويو آهي. علي زيدي ۽ خسرو بختيار کي چيو ويو آهي ته 19 آڪٽوبر تي پيش ٿيو. اعظم سواتي ۽ اسد عمر کي 20 آڪٽوبر، جڏهن ته عمر ايوب ۽ ميان محمد سومري کي 21 آڪٽوبر تي نيب ۾ پيشي جو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. قومي احتساب بيورو شيخ رشيد ۽ فواد چوڌري جي 24 آڪٽوبر تي طلب ڪيو آهي. جڏهن ته صاحبزادا محبوب سلطان ۽ فيصل واوڊا کي 25 آڪٽوبر تي پيش ٿيڻ جو چيو ويو آهي. واضح رهي ته عمران خان ڪابينا رقم جي منتقلي کانپوءِ مبينا طور ان جي نجي اڪائونٽن ۾ منتقلي جي منظوري ڏني هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button