پاڪستانسنڌ

شاهپورچاڪر ۾ پوليس خلاف سياسي سماجي ڌرين جو مظاهرو

شاهپورچاڪر: شاهپورچاڪر ۾ سماجي اڳواڻ سرور ڏاهري جي گهران ٿيل چوري واپس نه ٿيڻ ۽ ايس ايڇ او خلاف عوامي تحريڪ جي علي نواز ڏاهري، سنڌ سرتيون آرگنائيزيشن جي اڳواڻ زاهدا ڏاهري، قومي عوامي تحريڪ جي اياز لطيف راڄپر، سرور ڏاهري، سماجي اڳواڻ سنڌو ڏاهري، ماما نور محمد ڏاهري ۽ ٻين مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته سرور ڏاهري جي گهران چوري ٿئي ڪيترائي ڏينهن گذري ويا آھن، پر اڃا تائين ڪيس داخل نه ڪيو ويو آهي، متاثر ٿاڻي جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيو آهي، جڏهن ته ايس ايڇ او چورن کي گرفتار ڪرڻ بدران متاثر کي تذليل جو نشانو بڻايو ۽ ڌمڪيون ڏنيون آهن. هنن ڊي آءِ جي شهيد بينظيرآباد ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته سرور ڏاهري جي ٿيل چوري واپس ڪرائي ايس ايڇ او شاهپورچاڪر خلاف قدم کنيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button