پاڪستانسنڌ

وڏو چئلينج 6 لک ڳورهاري عورتن کي صحت سهولتون ڏيڻ آهي: عبدالقادر پٽيل

ڪراچي: وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي ته اسان لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ موجود 6 لک کان وڌيڪ ڳورهارين عورتن کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ، ماءُ ۽ ٻار جي حياتي بچائڻ آهي. متاثر علائقن ۾ هيلٿ ڪئمپون لڳايون پيون وڃن، جتي ٽائيفائيڊ، چمڙي ۽ نمونيا سميت ڪيترنئي بيمارين جو علاج ٿي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلوبل فنڊ جي پاڪستان جي سينيئر مئنيجر ازسڪان سان ملاقات ڪندي ڪيو. پاڪستان ۾ گلوبل فنڊ جي صحت واري وزارت جي عملدارن سان ايندڙ ٽن سالن جي امداد بابت ڳالهه ٻولهه ٿي.

ان موقعي تي گلوبل فنڊ جي سينيئر مئنجر ازسڪان چيو ته مشڪل حالتن جي باوجود وفاقي حڪومت جي ٻوڏ متاثرن جي مدد ۽ صحت جي حوالي سان قدم ساراهه جوڳا آهن. هن چيو ته گلوبل فنڊ جي مدد سان پاڪستان جي صحت جي عملدارن ٽي بي، ايڊز، مليريا ۽ پبلڪ هيلٿ ۾ بهترين ڪم ڪيو آهي، سندس چوڻ هو ته اسان آئينده به پاڪستان حڪومت سان گڏجي صحت جامسئلا حل ڪرڻ جي حوالي سان سمورا ممڪن قدم کڻنداسين. ملاقات ۾ ڪامن ميڊيڪل يونٽ جو نيشنل ڪوآرڊينيٽر مصطفيٰ جمال قاضي به موجود هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button