پاڪستانسنڌ

چوکنڊي جي بي ايڇ يو اسپتال بنا ڊاڪٽر جي هلڻ لڳي، ڳوٺاڻن جو مظاهرو

ڪڪڙ: ڪڪڙ ويجهو چوکنڊي جي بي ايڇ يو اسپتال صحت کاتي دادو جي نااهلي سبب بغير ڊاڪٽر جي هلڻ لڳي، ڳوٺاڻن محبوب علي سومرو، فقير گلاب چانڊيو، ڪاشف چانڊيو، شيراز چانڊيو، اظهر سومرو، ممتاز جوڻيجو، وقار ملاح، سيد حذب الله شاهه ۽ ٻين سرڪاري اسپتال جي گيٽ اڳيان احتجاج ڪندي ڊاڪٽر جي مقرري لا نعرا هنيا. ان موقعي تي هنن چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن جي پاڻي سبب مختلف بيمارين منهن ڪڍيو آھي، جنهن سبب سوين مريض مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن پر افسوس صحت کاتو دادو اگهور ننڊ ستل آھي، ڊي ايڇ او سان روبرو ملياسين ۽ لکت ۾ درخواست ڏني پر افسوس 3 مهينا گذري ويا پر اسپتال ۾ ڊاڪٽر مقرر نه ٿي سگهيو ۽ اسپتال هڪ پٽيوالي حوالي ڪري ڇڏي آهي. جيڪو روزانو ڪيترائي مريض چڪاسي انهن کي دوائون ڏئي پيو. ان کان وڌيڪ انڌيرنگري ڪا ٻي ٿيندي، ان موقعي تي ڳوٺاڻن وزير صحت ۽ سيڪريٽري صحت کان نااهل ڊي ايڇ او خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۽ اسپتال ۾ ڊاڪٽر جي مقرري جو مطالبو ڪيو. ٻي صورت ۾ ڊي ايڇ او آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button