پاڪستانسنڌ

ڪوٽڙي ۾ ڪار سوار ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ چوڪيدار قتل

ڪوٽڙي: ڪوٽڙي ۾ ڪار سوار ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ واڙي جو چوڪيدار قتل ٿي ويو، فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڦهلجي ويو، خبر موجب ڪالهه ڪوٽڙي جي سيشن ڪورٽ روڊ وٽ قائم مينھن جي واڙي تي ڪم ڪندڙ پورھيت چوڪيدار علي حسن شورو کي نامعولم ڪار سوار ھٿياربند گوليون ھڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، جڏهن ته ڪار سوار هٿياربندن جي فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڦهلجي ويو. هوڏانهن اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي وئي، مقتول پورهيت جو لاش کڻائي ڪوٽڙي جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال آندو ويو. جتي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ ۽ ضروري ڪارروائي بعد لاش کي وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته ڪوٽڙي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ذاتي دشمني جو ڪارڻ لڳي رهيو آهي پر معاملي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي. جلد قاتلن کي گرفتار ڪري وٺنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button