پاڪستانسنڌ

مانجهند لڳ مسافر ڪوچ ۽ ٽرڪ ۾ خوفناڪ ٽڪر، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 14 ڄڻا فوت، 20 زخمي

سن(رپورٽ: امجد علي عمراڻي) مانجهند لڳ انڊس ها وي تي مسافر ڪوچ ۽ ٽرڪ ۾ آمهون سامهون خوفناڪ ٽڪر، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 14 ڄڻا فوت، 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، ڄامشورو ۽ حيدرآباد جي اسپتالن ۾ منتقل. خبر موجب مانجهند ڀرسان ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ انڊس ها وي تي بهاولپور پنجاب کان ڪراچي طرف ويندڙ مسافر ڪوچ ۽ ڄامشورو کان سيوهڻ طرف ويندڙ ٽرڪ سان موڙ ڪاٽيندي آمهون سامهون خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ پنجاب واسي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 8 مسافر ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏھن ته 26 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، فوتين ۽ زخمين کي نجي گاڏين ذريعي تعلقه اسپتال مانجهند منتقل ڪيو ويو، جتي علاج جي سهولت نه هئڻ سبب وڌيڪ 2 مسافر فوت ٿي ويا، جنهن بعد سمورن زخمين کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، جنهن دوران 4 ڄڻا زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ فوت ٿي ويا. جنهن سان فوتين جو انگ وڌي 14 ٿي ويو.

فوتين ۾ بهاولپور جي رهواسڻ 48 ورهين جي نورين زال ذوالقرنين راجپوت، سندس ڏيڍ ورهين جي ڌي خديجه ڌيءَ ذوالقرنين، 18 ورهين جو ثمر عباس پٽ منير احمد، 35 ورهين جو نديم احمد پٽ جميل احمد، 45 ورهين جو ڪراچي واسي حق نواز پٽ عبدالخالق، 45 ورهين جي ممتاز بي بي زال شريف، 60 ورهين جو پهلوان ٽانوري پٽ قادر ٽانوري، 44 ورهين جي عزت زال غلام حيدر، سندس 8 ورهين جو پٽ ايان علي پٽ غلام حيدر، 44 ورهين جو راشد پٽ ڪريم بخش، 45 ورهين جو مختيار علي پٽ ڦل داد، 35 ورهين جو خالد پٽ محمد آصف ۽ هڪ نامعلوم شامل آھي. جڏھن تا زخمين ۾ محمد اشرف، عتيق الرحمان، محمد ظفر، جاويد علي، حسنين راجپوت، خاتون زال شاهنواز راجپوت، راشد محمود ٽانوري، محمد طارق ٽانوري، وسيم لوهار، ضميرا زال فقير محمد بلوچ ۽ ٻيا شامل آُھن. موٽروي پوليس ۽ مانجهند پوليس ٻنهي تباهه ٿيل گاڏين کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. جڏھن ته ٻنهي گاڏين جا ڊرائيور فوت ٿي ويا آهن. فوتين جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، ايڌي ايمبولنس ذريعي لاش اباڻن علائقن ڏانهن منتقل ڪيا ويا.

آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. خوفناڪ روڊ حادثي سبب انڊس ها وي 2 ڪلاڪ بلاڪ ٿي ويو. ڦاٿل لاشن ۽ زخمين کي گاڏين کي ڪٽي ٻاهر ڪڍيو ويو. مانجهند اسپتال ۾ صرف هڪ ڊاڪٽر ۽ ٽن ڄڻن تي مشتمل عملو موجود هئڻ سبب هنگامي طور ويجهو رهندڙ ملازمن کي طلب ڪيو ويو. اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب لاشن کي فرش تي رکيو ويو. اسپتال ۾ حادثي جي شڪار ھڪ عورت ٻڌايو ته حادثي کان فوري طور پو سم نالي تي ويٺل پاڻ کي ٻوڏ متاثر سڏائيندڙ ماڻھو گاڏي ۾ سوار ٿي سندن هٿن مان موبائيلون ۽ پرس کڻي ويا، کين پاتل زيور پڻ گم آھن. هوڏانهن حادثي جي اطلاع تي ايس ايس ڄامشورو، ڊي ايڇ او ڄامشورو، ايم ايس اسپتال مانجهند ۽ روينيو عملدار اسپتال پهچي ويا. جتي موجود ماڻھن سهولتن جي کوٽ جون دانهون پڻ ڪيون. جڏهن ته مانجهند کان خاڻوٺ جو 30 ڪلوميٽر انڊس ها وي روڊ اڃا تائين ڊبل نه ٿيڻ سبب وڏا حادثا معمول بڻيل آھن. هتان جي رهواسين روڊ حادثي ۾ فوت ۽ زخمي ٿيڻ جو ڪيس انتظاميا تي داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button