پاڪستانسنڌ

اوٻاوڙو ڀرسان اسڪولي عمارت قائم نه ٿي، شاگرد ڇپري هيٺ ويٺل

اوٻاوڙو: اوٻاوڙو لڳ گورنمنٽ پرائمري اسڪول سرور آرائين کي 27 سال گذرڻ باوجود عمارت نه ملي سگهي آهي، جنهن ڪري سئو کان وڌيڪ معصوم ٻارڙن جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو آهي. ان حوالي سان ڳوٺاڻن چوڌري عبيدالله، فرمان ڏھر، چوڌري شيدو ۽ ٻين ڳوٺاڻن صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته تعليم کاتي جي آفيسرن ۽ ڊپٽي ڪمشنر گھوٽڪي کي اسڪول جي بلڊنگ لا درخواستون ڏنيون آھن، پر 27 سالن کان آفيسن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آھيون، پر اسڪول جي عمارت منظور نه ٿي آهي، جنهن کان پو ڇپرو ٺاهيو آهي، جنهن کان پو شاگرد سياري توڙي گرمي ۾ ڇپري هيٺ ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن، هاڻي ڇپرو به زبون حال ٿي ويو آهي، ڪنهن به وقت ڪري سگهي ٿو، جنهن ڪري خوف ۾ مبتلا رهون ٿا. هنن صوبائي وزير سردار شاهه ۽ ٻين کان اپيل ڪئي ته پرائمري اسڪول جي بلڊنگ ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button