پاڪستان

سئو سيڪڙو پڪ اٿم ته مون کي نااهل ڪري ڇڏيندا،اليڪشن هر صورت ۾ وڙهنداسين: عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته 100 سيڪڙو يقين آهي ته مون کي نااهل ڪرڻ جو منصوبو ٺهي چڪو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر ڀلي ڪير به هجي، چونڊون هر صورت ۾ وڙهنداسين. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين کي سياسي عمل کان پري ڪيو پيو وڃي، چونڊ قانونن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين بابت ڪا ترميم ٿي ته ان کي چئلينج ڪنداسين، اليڪشن ڪميشن سامهون ڪنهن به صورت ۾ پيش نه ٿيندس. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) کي روڪڻ ۾ مک ڪردار چيف اليڪشن ڪمشنر جو هو. پي ٽي آ سربراهه نيب چيئرمين، اليڪشن ڪميشن جي سربراهه ۽ ميمبرن جي مقرري جي طريقيڪار ۾ تبديلي آڻڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ڊسڪا واري ضمني چونڊ بعد اها خبر پئي ته هتي راند ئي ڪا ٻي کيڏي پئي وڃي پر واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ڀلي ڪير به هجي اسان عام چونڊون وڙهنداسين. اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن شفاف چونڊون نه ٿيون ته پو جيڪو ڪجهه ٿيندو، ان کي ملڪ برداشت نه ڪري سگهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button