پاڪستان

ملڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ وڌي 12 ڪروڙ 21 لک 96 هزار 122 ٿي ويو

ملڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ وڌي 12 ڪروڙ 21 لک 96 هزار 122 ٿي ويو آهي، اليڪشن ڪميشن طرفان حتمي چونڊ لسٽون اڄ شايع ڪرڻ جو امڪان آهي. اليڪشن ڪميشن جي انگن اکرن مطابق ملڪ ۾ مرد ووٽرن جو انگ 6 ڪروڙ 64 لک 6 هزار 168 آهي، جڏهن ته عورت ووٽرن جو تعداد 5 ڪروڙ 57 لک 89 هزار 954 تائين پهچي ويو آهي، پنجاب ۾ 7 ڪروڙ 6 لک 20 هزار 25 ووٽر رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن. سنڌ ۾ 2 ڪروڙ 56 لک 63 هزار 939 رجسٽرڊ ووٽر آهن. خيبر پختونخوا ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو تعداد 2 ڪروڙ 8 لک 21 هزار 301 ۽ بلوچستان ۾ 50 لک 90 هزار 857 رجسٽرڊ ووٽر آهن، جڏهن ته وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ 9 لک 84 هزار 477 رجسٽرڊ ووٽر آهن. اليڪشن ڪميشن موجب حتمي چونڊ فهرستن جي پڌرائي بعد به ووٽن جي داخلا، ڊيٽا جي درستگي ۽ نون نالن جي رجسٽريشن ڪرائي سگهبي، جنهن لاءِ سمورا ضلعي اليڪشن ڪمشنر پنهنجي لاڳاپيل ضلعن ۾ موجود رهندا. اليڪشن ڪميشن موجب عام چونڊن جي اعلان کان اڳ ووٽن جي داخلا، نالا خارج يا درست ڪرڻ وارو عمل جاري رهندو، جڏهن ته ڪراچي ۾ 16 آڪٽوبر تي ننڍي چونڊ ۽ مڪاني چونڊون پراڻي ووٽر لسٽ تحت ٿينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button