اسلام آبادپاڪستان

صدر جو پارليامينٽ کي خطاب،حڪومتي اتحاد جو بائيڪاٽ،رڳو 14 ميمبر موجود

اسلام آباد: پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ صدر عارف علوي جي خطاب جي موقعي تي حڪومتي اتحاد ۽ تحريڪ انصاف به اڻ اعلانيل بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. صدر عارف علوي جي خطاب دوران ايوان تقريبن خالي رهيو ۽ 442 ميمبرن جي ايوان ۾ رڳو 14 ميمبر موجود هئا، جيڪي به صدر جي خطاب سان عدم دلچسپي ظاهر ڪندا رهيا. اسپيڪر طرفان ميمبرن کي سيٽن تي وڃڻ جي هدايت به ڪئي وئي. صدر ميمبرن طرفان ڌيان نه ڏيڻ باوجود پنهنجو خطاب جاري رکيو، ان دوران پي ٽي آءِ جو ڪو به ايم اين اي يا سينيٽر موجود نه هو پر پي ٽي آءِ جا ڪجهه باغي ميمبر ايوان ۾ موجود هئا. تحريڪ انصاف جي پارليامينٽ ميمبرن جو چوڻ هو ته موجوده اسيمبلي کي نٿا مڃون، تنهن ڪري بائيڪاٽ ڪيوسين. گڏيل اجلاس جي صدارت قومي اسيمبلي اسپيڪر ڪري رهيو آهي، ان کي به نٿا مڃون. ن ليگ، پ پ ۽ جمعيت علماءِ اسلام به صدر جي خطاب جو اڻ اعلانيل بائيڪاٽ ڪيو. ان موقعي تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي صدر عارف علوي چيو آهي ته آڊيو ليڪس جي جاچ حڪومت جو سٺو قدم آهي. خدا جي واسطي هن ملڪ ۾ ورهاست کي ختم ڪيو، ضد کي ڇڏڻ بنا ورهاست ختم نه ٿيندي. عارف علوي چيو ته قائداعظم اتحاد ڪيو هو، اتحاد ته ليڊرن ۾ ٿيڻ گهرجي، ورهاست ختم ڪرڻ لاءِ اتحاد جي ضرورت آهي. پاڪستان ۾ فري اينڊ فيئر چونڊن جي گهر رهندي آهي. هن ئي پارليامينٽ کي اها اي وي ايم جي صلاح ڏني هئي، اها گڏيل رپورٽ هئي، اي وي ايم تي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته هر چونڊ کي چئلينج ڪرڻ سان پاڪستان ۾ استحڪام ڪيئن ايندو، اوورسيز پاڪستانين کي ووٽنگ جو حق آهي، اوورسيز کي اهو حق ڏيڻو پوندو اهي محنت ڪندا آهن، هي چونڊن جو سال آهي، ان ۾ جيڪڏهن ورهاست آهي ته ان کي ختم ڪيو، ويهي ڳالهيون ڪري هڪٻئي کي مطمئن ڪيو. سندس چوڻ هو ته آڊيو ليڪس جي جاچ حڪومت جو سٺو قدم آهي، دنيا جون جنگيون هاڻ سائبر جي ميدان ۾ وڙهيون پيون وڃن، ميڊيا جي آزادي جمهوريت جي آزادي لاءِ تمام ضروري آهي، سوشل ميڊيا بند ڪرڻ سان مالي نقصان ٿيندو آهي، فيڪ نيوز سان دنيا پريشان آهي. صدر عارف علوي چيو ته نيب ماڻهن کي پريشان ڪري ته ان کي روڪڻ جي ضرورت آهي، نيب کي سياست مان هٽايو، نيب کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، آءِ ايم ايف سان مناسب معاهدو ٿيو، سياسي استحڪام ضروري آهي، مهانگائي کان توهان واقف آهيو، ايف اي ٽي ايف مان نڪري وينداسين، ان تي جن حڪومتن محنت ڪئي اهي مبارڪن جون حقدار آهن، ڪرپشن پاڪستان جي اندر آهي پر ان تي ضابطو آڻي سگهون ٿا. هن چيو ته چين سان دوستي اسان جي اصل دوستي آهي، جڏهن ته اسان جي هر ضرورت تي سعودي عرب ڪم آيو آهي، آمريڪا ۽ يورپ سان لاڳاپا به فائديمند آهن، موجوده حڪومت جون آمريڪا سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، اسان افغانستان ۾ امن چاهيون ٿا، ڪشميرين سان گڏ هئاسين، آهيون ۽ رهنداسين. سندس موجب دنيا کي پاڪستان ۾ ٻوڏ سان آيل تباهي جو احساس آهي، گلوبل وارمنگ ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر موسمياتي تبديلين سان پاڪستان سخت متاثر ٿيو آهي، پاڻي ذخيرو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڊيمن جي ضرورت آهي، جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان فصلن جي پيداوار کي وڌائي سگهجي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button