اسلام آبادپاڪستان

ايڪسپورٽ انڊسٽري کي 19 رپيا 99 پئسا في يونٽ بجلي ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد:حڪومت ايڪسپورٽ انڊسٽري کي 19 رپيا 99 پئسا في يونٽ بجلي فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته واعدو ڪيو هو ايڪسپورٽ انڊسٽري کي 9 سينٽ تي بجلي ڏني ويندي ۽ ٻن مهينن ۾ کين 9 سينٽ تي بجلي ڏني وئي. هن چيو ته پاڪستان کي ايڪسپورٽ جي ضرورت آهي، اپٽما 12 ڏهائي 7 سيڪڙو ايڪسپورٽ وڌائي، اڄ برامد ڪندڙن سان ڳالهيون ٿيون آهن، ٽيڪسٽائل برآمد ڪندڙن برآمدون 12 ڏهائي 7 سيڪڙو وڌايون. سندس چوڻ هو ته ڊالر جو حقيقي قدر 200 رپين کان هيٺ آهي، اڃا ڏنڊو ته کنيو ئي ناهي، پاڪستان جي قرض ۽ ادائيگين ۾ 2600 ارب رپين جي گهٽتائي ٿي، ڊالر هيٺ اچڻ سان قوم کي ۽ معيشت کي فائدو ٿي رهيو آهي. اسحاق ڊار چيو ته وسيلن ۾ رهندي ايڪسپورٽرز ۽ آبادگارن لاءِ جيڪو ٿي سگهي ڪري رهيا آهيون. برآمد ڪندڙن سان رپئي ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، هاڻ اهي سينٽس ۾ ڳالهيون نه ڪندا، ٽيڪسٽائل سيڪٽر کان في يونٽ بجلي 19 رپين 99 پئسن ۾ ورتي ويندي پر هن واضح ڪيو ته بجلي جا اگهه رڳو ٽيڪسٽائل سيڪٽر لاءِ نه پنجن ئي برآمدي شعبن لاءِ آهن.هن چيو منهنجي واپسي ٿيندي ئي مارڪيٽ پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو، حڪومت کي ساليانو 90 کان 100 ارب رپيا سبسڊي ڏيڻي پوندي. هڪ سوال جي جواب ۾ ن ليگ اڳواڻ چيو ته مون کي آءِ ايم ايف کي اعتماد ۾ وٺڻ جي ضرورت ناهي، مون کي خبر آهي ته ڇا ڪري رهيو آهيان، مون وٽ جواز موجود آهي، جڏهن آءِ ايم ايف وارا آيا ته ڳالهائينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button