
ڊگھڙي: برساتن دوران گهرن جي ڪرڻ جي نتيجي ۾ هيٺان دٻجي فوت ٿيل ڳوٺ صوفن شاھ جي رهواسڻ پيرسن عورت نوي زال ويلو ڪولهي ۽ ڪنگورو موري تي گهر ڊھي پٽ پوڻ جي نتيجي ۾ دٻجي فوت ٿيل معصوم ٻار اذان پٽ محمد حنيف مڱڻهار جا سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل 10-10 لک رپين جا چيڪ پارلياماني سيڪريٽري ايم پي اي مير طارق خان ٽالپر وارثن حوالي ڪيا ويا. ان موقعي تي مختيارڪار ڊگھڙي وسيم لاشاري پڻ موجود هو.