اسلام آبادپاڪستان

عمران کي ڀل آهي ته مارچ اسلام آباد پهچي ويندو،هر صورت ۾ ناڪام بڻائبو:گهرو وزير

اسلام آباد :وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان جي ارادن جي ڄاڻ آهي، کيس ڀل آهي ته لانگ مارچ اسلام آباد پهچي ويندو. اسان پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ کي هر صورت ناڪام بڻائينداسين. اسلام آباد پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وزير چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ جهموري ۽ قانوني طريقي سان احتجاج ڪرڻ چاهي ٿي يا ڌرڻو هڻڻ چاهي ٿي ته اسان کين سهولت اجازت ڏينداسين پر جيڪڏهن هو اسلام آباد ڏانهن چڙهائي ڪرڻ چاهين ٿا ته اسان کين روڪينداسين ۽ اهڙي انداز ۾ روڪينداسين جو هو سوچي به نٿا سگهن. وفاقي وزير چيو ته عمران خان لانگ مارچ جو اعلان ڪري ڏسي پوءِ ڏسي ته اسان ڇا ٿا ڪريون، اسان کي عمران خان جي ارادن جي خبر آهي. لانگ مارچ کي ناڪام بڻائڻ لاءِ هر حربو استعمال ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته فرح گوگي عمران خان جي فرنٽ مين هئي، ڪنهن چور ڪنهن کي ڌاڙيل چيو ويو. هو چوي ٿو ته مان نيٽ اينڊ ڪلين آهيان، هونئن ته عدالتي نيٽ اينڊ ڪلين ته هي آهي. عمران خان ڪنهن به طريقي سان اقتدار ۾ اچڻ چاهي ٿو پر پاڪستان جي مستقبل لاءِ اهڙي فتني خلاف ايڪشن ضروري آهي. سائفر معاملي تي ڳالهائيندي گهرو وزير چيو ته عمران خان سڄي پرڏيهي پاليسي جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، ڇا ان کانپوءِ ڪو به سفير اوهان جي ملڪ ڏانهن سائفر موڪليندو. هڪ ڪوڙو بيانيو گهڙڻ لاءِ قوم سان راند کيڏي وئي، عمران خان ايترو نقصان رسايو جو ان جا اثر ڪيئي ڏهاڪن تائين برداشت ڪرڻا پوندا. سندس چوڻ هو ته هي فتنو وائکو ٿي رهيو آهي ۽ سندس اصل چهرو قوم آڏو ظاهر ٿي رهيو آهي. قوم جو به فرض آهي ته ان وڏي فتني جو فيصلو ڪري، ان شخص نوجوانن کي ورغلايو ۽ حلف ورتو. عمران خان قوم کي ورهائي رهيو آهي، اڄوڪي ليڪ ٿيل آڊيو سان سڀ ڪسرون پوريون ٿي ويون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button