اسلام آباد : ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ملڪ جي معيشت بهتر ٿيڻ جي اميد ظاهر ڪندي چيو آهي ته ڊالر جي قيمت هٿرادو طور تي وڌائي وئي، ان جي قيمت 200 رپين کان گهٽ ٿيندي. سياست جي نالي تي انتقامي ڪارروائي نه ٿيڻ گهرجي. سياسي پارٽيون واعدو ڪن ته معيشت تي سياست نه ڪئي وڃي. چارٽر آف اڪانومي ڪرڻ گهرجي. منهنجي خلاف 10 منٽن جو ڪيس آهي، انٽرپول ڪٿي آهي جيڪي چوندا هئا ته ان جي ذريعي آڻي رهيا آهيون. الله تعاليٰ پاڪستان کي اهڙن فراڊي ماڻهن کان بچائي. ڪالهه احتساب عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ۾ رپيو مٿي وڃي رهيو آهي ۽ ڊالر هيٺ اچي رهيو اهي. هاڻي پاڪستاني معيشت بهتر ٿيندي، ماضي ۾ دنيا پاڪستان تي معاشي پابنديون مڙهي ڇڏيون هيون پر اسان مشڪل وقت ۾ معيشت کي صحيح رخ ۾ آندو. هن چيو ته ڊالر جي قيمت هٿرادو طور تي وڌائي وئي، ان جي قيمت 200 رپين کان گهٽ ٿيندي. ملڪ ۾ معيشت تي سياست نه ٿيڻ گهرجي. اسان پاڪستاني عوام سان ڪنهن کي کيڏڻ نه ڏينداسين ۽ ڪوشش ڪنداسين ته عوام جي خدمت ڪري سگهون. ڪروڙين ڪمائڻ لاءِ ملڪ کي قرضن ۾ ٻوڙي نٿو سگهجي. ملڪ جو مستقبل روشن آهي، شهبازشريف ملڪ کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچايو. ايڪسپورٽ انڊسٽري لاءِ مشڪل وقت آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close