اسلام آباد :سڌ سماءَ واري وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته هارس ٽريڊنگ ڪري عمران خان بقول پاڻ شرڪ ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان جي چال آهي ته ڪوڙ ايترو ڳالهايو جو سچ محسوس ٿيڻ لڳي. هن ڪوڙ ڳالهائي ڳالهائي اسان کي ٿڪائي ڇڏيو پر پاڻ ناهي ٿڪيو. عمران خان سمجهي ٿو ته جيڪو ماڻهو هن جي ڳالهه ٻڌن ٿا اهي سڀ بيوقوف آهن. هي پنهنجي ڪوڙ سان ماڻهن کي بيوقوف بڻائيندو ٿو، هي پنهنجي چال بازيين سان ماڻهن کي بيوقوف بڻائنيدو آهي. وفاقي وزير ٻڌايو ته عمران خان 2018 ۾ اقتدار ۾ اچڻ لاءِ آر ٽي ايس کي هٽائي هارس ٽريڊنگ ڪئي، عمران خان اهو چئي ڪري ته “سمورو پاڪستان ڪرپٽ آهي” سڄي ملڪ کي دنيا آڏو بدنام ڪيو، جڏهن ته سندس اقتدار جي ڪرسي لڏي ته هن سموري دنيا ۾ پيغام ڏنو ته 22 ڪروڙ عوام جو ملڪ ايٽمي طاقت جو غلام آهي.هن چيو ته عمران خان کي ڪو شرم ناهي، کيس اهو احساس ناهي ته سندس وات مان نڪتل لفظ ملڪي مفاد، قومي سلامتي ۽ دنيا ۾ ملڪ جي عزت کي مجروح ڪري ٿو. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان کي ڪنهن سان همدردي ناهي، هن جي هوس پنهنجي انا کان شروع ۽ اقتدار تي ختم ٿئي ٿي، پرڏيهي ايجنٽ جا مقصد ڪجهه ٻيا هئا، هن جي ايجنڊا اڻپوري آهي، هن جو مقصد ملڪ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ ۽ ملڪ جو ڏيوالو ڪرڻو هيو، هي ملڪ کي سريلينڪا بڻائڻ چاهي پيو، هي پنهنجي هدف جي ويجهو پهچي چڪو هيو پر سندس ايجنڊا اڻپوري رهي.مريم اورنگزيب ٻڌايو ته عمران خان اقتدار ويو ته سندس ملڪ سان دشمني شروع ٿي وئي، عمران خان 2018ع جي اليڪشن ۾ هارس ٽريڊنگ ڪئي، سينيٽ، خيبرپختونخواهه، بلوچستان ۽ پنهنجي پارٽي جي اليڪشن ۾ به خريد وڪرو ڪيو، عمران خان کي جڏهن بي اعتمادي رٿ جي خبر پئي ته چيائين مان پنج ايم اين ايز خريد ڪري ورتا آهن. مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته عمران خان موجب هارس ٽريڊنگ شرڪ ناهي ثواب آهي، عمران خان صاحب چوندو هو جيڪو هارس ٽريڊنگ ڪري ٿو اهو شرڪ ڪري ٿو، اڄ جي آڊيو ليڪ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته بقول عمران خان صاحب جي شرڪ ٿيو آهي۽ اهو شرڪ عمران خان پاڻ ڪيو آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته عمران خان بند ڪمري ۾ چيو ته سائفر سان کيڏڻو آهي، ڪمري کان ٻاهر چيو ته پرڏيهي سازش ٿي وئي، بند ڪري ۾ چيو ته پنج ايم اين اي خريدي ڇڏيا آهن ۽ ٻاهر چئي ٿو ته هارس ٽريڊنگ شرڪ آهي، هي ان ماڻهن لاءِ فڪر جي گھڙي آهي جيڪو عمران خان جي ڳالهه ٻڌندا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close