مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز لڳ ڀڳ ساڍن ٽن ورهين بعد پنهنجي والد نواز شريف سان ملڻ لنڊن پهچي وئي، جتي ٻنهي پي ۽ ڌي ڀاڪر پائي ڀنل نيڻن سان هڪٻئي لا محبت ۽ شفقت جو اظهار ڪيو. مريم نواز قطر کان لنڊن پهتي ته ايئرپورٽ تي ڀائرن، ٻين گهرڀاتين ۽ ڪارڪنن سندس استقبال ڪيو، مريم هوائي اڏي کان سڌو ايون فيلڊ وئي، جتي هن پنهنجي والد نواز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ جيئن ئي پي جي ڀاڪر ۾ آئي ته سندس اکين مان لڙڪ لڙي پيا، ان حوالي سان وڊيو ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن. مريم نواز شاندار آڌرڀا ڪرڻ تي پارٽي ڪارڪنن جا ٿورا مڃيا. ٻئي طرف لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي ٽرپل ايف (فارين فنڊيڊ فتنو) قرار ڏيندي چيو ته عمران جون اڄ هڪ نه پر ٻه ٻه آڊيوز ليڪ ٿيون آهن، هن شخص جي جيڪا شئي کڻو ان مان سازش نڪري ٿي ان لاءِ سندس نالو سازش خان هجڻ گهرجي. مريم چيو ته عمران خان ماڻهن کي هارس ٽريڊنگ ڪندڙن بابت ٻڌائيندو رهيو ۽ ٻئي پاسي وري پاڻ خريداري جي منڊي لڳائي ويٺو رهيو، هن شخص ۾ ايتري به اخلاقي جرئت ناهي جو کيس چئجي ته ماڻهن کان معافي وٺي، عمران جي سزا اها آهي ته سندس چهرو وائکو ٿي ويو آهي، هاڻي عمران پاڻ ئي ٻڌائي سگهي ٿو ته هو مير صادق ۽ مير جعفر ڪنهن کي چئي رهيو آهي، ڇا هو رڳو ڊيل لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪري رهيو آهي يا سهارا ڳولي رهيو آهي، هن شخص تي ڏوهه ثابت ٿيا آهن ۽ هي پرڏيهي طاقتن جو غلام آهي پر ماڻهن کي آزادي جا ڀاشڻ ڏئي ٿو، هن سان ڳالهيون ڪرڻ بدران کيس عبرت جو نشان بڻائڻو آهي، کيس ملڪ سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close