تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان اسيمبلي ميمبرن جي خريد ۽ وڪري بابت ليڪ ٿيل آڊيو کي جعلي قرار ڏيندي چيو آهي ته چئن ماڻهن توهين مذهب جي نالي تي منهنجي قتل جي سازش تيار ڪئي آهي، حڪومت اسان کي جيلن کان ڇا ڊيڄاريندي، مان پاڻ جيل ڀريو تحريڪ هلائڻ پيو وڃان. ميانوالي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته مون سان منسوب آڊيو جعلي آهي، اها آڊيو مريم نواز ٺاهي آهي، ڇو ته هو ان ڪم ۾ ماهر آهي، هونئن به ڊيپ فيڪ وڊيو ٺاهڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي، نواز ليگ وارا چون ته اسان اهڙيون کوڙ ڊيپ فيڪ وڊيوز ٺاهي ڏيکاريون. هن چيو ته حقيقي آزادي لا پنهنجي حياتي قربان ڪرڻ لا به تيار آهيان، آئون جيل جو ڊپ ڏياريندڙن کي چوان ٿو ته اڃا ته آئون جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪرڻ لڳو آهيان. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مون تي توهين مذهب جو الزام لڳايو ويو، بند ڪمرن ۾ موجود 4 ماڻهن جو ان ۾ هٿ آهي، جيڪڏهن مون کي ڪنهن قتل ڪيو ته پو هي چوندا ته ڪنهن مذهبي جنوني عمران کي ماري ڇڏيو آهي، مون هڪ ٽيپ ٺاهي رکي آهي، جڏهن مون کي ڪجهه ٿيو ته اها ٽيپ جاري ٿيندي ۽ ان ۾ ڄاڻايل 4 ماڻهن جا نالا ٻڌايل آهن ۽ قوم انهن 4 ماڻهن کي معاف نه ڪندي. پي ٽي آ چيئرمين گهرو وزير راڻا ثنا الله کي پيغام ڏيندي چيو ته اسان جي تياري ۽ رٿابندي وڌيڪ اڳتي آهي، مارچ ته ان جو صرف هڪ حصو آهي، ٻي به اهڙي پلاننگ ڪري رهيا آهيون جو پهريان ڪڏهن ڪنهن نه ڪئي هوندي، توهان وٽ 70 هزار ماڻهو جيلن ۾ پيا آهن. لکين ٻيا تيار آهن. آمريڪي سائفر جي جاچ بابت هن چيو ته شهباز شريف کي خط ۽ سائفر جي شڪايت ملي آهي، اها سٺي ڳالهه آهي، شهباز شريف چيو آهي ته هو جاچ ڪرائيندو، موجوده حڪومت رڳو پنهنجي ڪرپشن جا ڪيس بند ڪري رهي آهي، اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان جا فيصلا پاڪستان ۾ ئي ٿين، جيڪڏهن هي حڪمران اسان سان گڏ رهيا ته ملڪ ۽ قوم جو ڪو به مستقبل ناهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close