اسلام آبادپاڪستان

ادارا نيوٽرل ٿيڻ سان هڪ شخص کي تڪليف ٿئي پئي:خواجا آصف

اسلام آباد : بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته ادارا نيوٽرل ٿيڻ سان هڪ شخص کي ڪيڏي تڪليف ٿي رهي آهي. جڏهن ته پي ٽي آءِ وارن منٿون ڪري صدر کي آرمي چيف وٽ موڪليو. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته اعظم خان چئي ٿو ته اسان ميٽنگ منٽس سان نئون سائفر ٺاهي ڇڏينداسين. عمران خان چئي ٿو ته خبر ناهي سائفر ڪٿي آهي، عمران خان چئي رهيو آهي ته آمريڪا جو نالو نه کڻو. هن چيو ته راڻا ثناءُ الله جرئت ۽ بهادري سان ظلم جو مقابلو ڪيو، اسان کي پنجاب حڪومت جو ڪو خوف ناهي ڀلي گرفتار ڪري. عوام کي اصل چهرو ڏيکارڻ لاءِ ضروري آهي ته هر شئي سامهون آندي وڃي، هوريان هوريان انهن کي منهن لڪائڻ جي جاءِ به نه ملندي. سندس چوڻ هو ته عمران خان ۽ سندس ڀينرن ملڪيتون کپايون، انهن جا سمورا بيانيا دفن ٿي ويا، انهن منٿون ڪري صدر کي آرمي چيف وٽ موڪليو. سڀ سمجهي رهيا آهن ته مارچ اپريل تائين انهن ڇو آفر ڪئي آهي، اداري جي نيوٽرل رهڻ سان هڪ شخص کي ڪيڏي تڪليف ٿي رهي آهي. خواجا آصف وڌيڪ چيو ته نواز شريف گرفتاري جي خبر هوندي به واپس آيو هو، هاڻ به واپس ايندو، هي ان جو وطن آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button