اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار رات ڏينهن عدالت لڳائيندو هو، هن مون کي 56 ڪمپنين جي معاملي ۾ گهڻو بدنام ڪيو. اسپيشل سينٽرل ڪورٽ ۾ پيشي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته نواز شريف ڪو اين آر او نه گهريو هو پر پاڻ عدالت کي پاناما جي جاچ جي درخواست ڪئي هئي. مان، نواز شريف، مريم نواز، حمزا شهباز، خواجا سعد رفيق، شاهد خاقان عباسي سميت سڀني بهادري سان جيل ڪاٽيا ۽ بدترين ظلم برداشت ڪيو. سندس موجب اهو چوڻ ته مريم نواز کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان اين آر او مليو، انتهائي مذمت جوڳو آهي. مريم نواز کي نيب ترميمي آرڊيننس بدران ميرٽ تي بريت ملي آهي. فرح گوگي کي ڪلين چٽ يا اين آر او مون ته نه ڏياريو، وزيراعظم هجي يا گورنر، ڪير به قانون کان مٿانهون ناهي. هن چيو ته بلين ٽري، مالم جبا ڪيسن ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ثابت ٿي چڪي آهي پر اهي ڪيس اڄ تائين نه هليا. جڏهن ته عمران خان جنهن اين آر او جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، اهو سندس دور ۾ عليما خان ۽ فرح گوگي کي مليو. آڊيو ٻڌو ته هي چئي ٿو آمريڪا جو نالو ناهي کڻڻو ۽ عوام کي چئي ٿو ته حقيقي آزادي جي جنگ آهي. شهباز شريف، عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته تازي آڊيو ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته هو وزيراعظم طور پاڻ چئي رهيو آهي ته هن 5 ووٽ خريدي ورتا آهن ۽ ضمير فروشي ڪئي، اهي 5 ووٽ خريدڻ لاءِ پئسو ڪٿان آيو؟ هو پاڻ ڏوهه مڃي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار رات ڏينهن عدالت لڳائيندو هو. هن مون کي 56 ڪمپنين جي معاملي ۾ تمام گهڻو بدنام ڪيو. ان نظام ۽ چيف جسٽس کان سوال آهي ته اهي 56 ڪمپنيون اڄ به ڪم ڪري رهيون آهن. مون ته انهن 56 ڪمپنين کان ڪم ورتو ۽ عوام جي ڀرپور خدمت ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close