ڊگھڙي : سنڌ مزدور اتحاد جي مرڪزي اڳواڻ ڊگھڙي شهر جي رهواسڻ ڪامريڊ صغرى خاصخيلي جي گهران ٿيل چوري واپس نه ڪرائي سگهي، جنهن خلاف سنڌ مزدور اتحاد طرفان مير جان محمد ڪالوني کان ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف روڊن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي، جتي ريلي کي سنڌ مزدور اتحاد جي مرڪزي صدر حميد چنا، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ضلعي صدر مير يونس ٽالپر، ڪامريڊ صغرى خاصخيلي، پرويز نوحاڻي، ڪامريڊ مجيد بلوچ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪامريڊ صغرى خاصخيلي جي گهران چوري واري واردات کي هڪ هفتو ٿيڻ وارو آهي، پوليس جاچ ۾ سستي ڏيکاري رهي آهي، اڃان تائين چوري واپس ناهي ڪرائي سگهي ۽ نه ئي چورن جو پتو لڳائي سگهي آهي. اڳواڻن چيو ته اڄ آچر ڏينهن کان 8 ڏينهن تائين پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي ويندي. هنن گهر ڪئي ته جوابدار گرفتار ڪري چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي. احتجاج ۾ عورتن ۽ معصوم ٻارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close