سامارو: سامارو لڳ 4 ڏينھن اڳ موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب زخمي ٿيل ٻن معصوم ٻارن جو پي 28 سالن جو نوجوان حيدرآباد اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. سامارو روڊ ڀرسان عمرڪوٽ روڊ تي ڳوٺ اسلم شاھاڻي ويجھو 4 ڏينھن اڳ موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب ديهھ 325 جي ڳوٺ پرتاب مالھي جو رھواسي 28 سالن جو نوجوان اميت ڪمار پٽ شيوا ڌاري پاٻو مل مالھي سخت زخمي ٿي پيو ھو، جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد اسپتال ريفر ڪيو ويو ھو، جتي نوجوان 4 ڏينهن بعد دم ڏنو، سندس لاش گهر ڳوٺ پرتاب مالھي آندو ويو ته ڪھرام مچي ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close