ڇاڇرو: ڏاهلي ۾ اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن سبب 8 پورهيتن جا گهر سڙي ويا. رپورٽ موجب ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ ڀمراڻي ۾ راهمان برادري جي پورهيتن جي ڪکاون گهرن کي اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن سبب لطيف ولد خوشحال، آچار ولد ارباب، رحمان ولد جان محمد، نظر ولد خانو، حاڪم ولد خانو ۽ شڪر ولد جانو سميت 8 پورهيتن جا گهر سڙي رک ٿي ويا، گهرن ۾ پيل هنڌ بسترا، ٿانو، کٽون ۽ ٻيو سامان سڙي ويو، باهه لڳڻ دوران متاثر رڳو گهر مان جانيون بچائي ٻاهر نڪري سگهيا. باھه جي اطلاع تي انتظاميا ۽ رينجرز جي جوانن پهچي باھه وسائڻ ۾ ڳوٺاڻن جي مدد ڪئي. هوڏانهن گهر سڙڻ بعد پورهيت عورتن ۽ ٻارن سميت کليل آسمان هيٺ ويهي رهيا، جن ٻڌايو ته گهرن ۾ لکين رپين جو سامان، زيور ۽ اناج سڙي ويو آهي، جنهن سبب وڏو نقصان پهتو، هاڻ دربدر آهيون. هنن ضلعي انتظاميا ۽ سنڌ سرڪار کان گهر ڪئي ته گهر ٺهرائي ڏئي مالي مدد ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close