اسلام آبادپاڪستان

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ فنڊنگ بابت پي ٽي آ جي درخواست شنوائي لاءِ مقرر

اسلام آباد : تحريڪ انصاف پابندي پيل فنڊنگ ڪيس ۾ وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) انڪوائري خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو.پي ٽي آءِ جي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ايف آءِ اي کي فنڊنگ ڪيس ۾ گرفتارين ۽ ڇاپن کان روڪيو وڃي. ايف آءِ اي سينيٽر سيف الله نيازي جي گھر تي ڇاپو هنيو ۽ هراسان ڪيو. درخواست جي متن موجب ايف آءِ اي سياسي بنياد تي هراسان ڪري رهي آهي، ايف آءِ اي انڪوائري ۽ ڇاپا غير قانوني آهن تنهن ڪري عدالت ايف آءِ اي کي فنڊنگ ڪيس ۾ جاچ کان روڪي. پي ٽي آءِ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت مخالف تحريڪ لاءِ فنڊ گڏ ڪيا، ٻاهرين ملڪن کان مليل سمورا فنڊ قانون موجب موصول ڪيا. درخواست ۾ گھرو سيڪريٽري، ڊي جي ايف آءِ اي ۽ جاچ آفيسر کي ڌر بڻايو ويو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ درخواست شنوائي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي ۽ جسٽس عامر فاروق سومر تي پي ٽي آءِ جي درخواست تي شنوائي ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button