پاڪستان

لاجواب بالنگ- بيمثال بئٽنگ، حارث ۽ بابر پاڪستان کي ٻي ڪاميابي ڏياري ڇڏي

پاڪستان ٽه ملڪي ٽي-20 سيريز ۾ پنهنجو ڪامياب سفر جاري رکندي ٻي مئچ ۾ ميزبان نيوزيلينڊ جي ٽيم کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي پهرين پوزيشن سنڀالي ورتي آهي، حارث رئوف جي لاجواب بالنگ سان گڏوگڏ ڪپتان بابر اعظم جي بيمثال بئٽنگ 148 رنسن جي حدف تائين پهچڻ ۾ آساني ڪري ڇڏي. ڪرائسٽ چرچ جي ميدان ۾ ٽه ملڪي سيريز جي ٻي مئچ کيڏي وئي، جنهن ۾ ميزبان نيوزيلينڊ جي ڪپتان ڪين وليمسن ٽاس کٽڻ تي پهرين بئٽنگ جو فيصلو ڪيو ته سندس ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 147 اسڪور ڪيو، جيڪو پاڪستان 4 وڪيٽون وڃائي 19 هين اوور جي ٻي بال تي پورو ڪري ورتو. نيوزيلينڊ طرفان ڊيون ڪونوي 36، مارڪ چئپمين 32 ۽ ڪپتان ڪين وليمسن 31 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا. پاڪستان جي فاسٽ بالر حارث رئوف انتهائي تيز رفتار ۽ لاجواب بالنگ ڪرائيندي هڪ ئي اوور ۾ 3 وڪيٽون وتيون، جڏهن ته محمد وسيم جونيئر ۽ محمد نواز 2- 2 شڪار ڪيا ۽ شاهنواز ڏاهاڻي جي حصي ۾ هڪ وڪيٽ آئي. پاڪستان جي اننگز ۾ محمد رضوان سٺي شروعات نه ڪئي ۽ 12 بالن تي فقط 4 رنسون ٺاهي پويلين واپس موٽيو، شان مسعود به کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿيو، جنهن بعد ڪپتان بابر اعظم ذميواراڻي بئٽنگ ڪندي 53 بالن تي 11 چوڪن جي مدد سان 79 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏيو، هن آل رائونڊر شاداب خان سان گڏ چوٿين وڪيٽ تي ٽيم کي سهارو ڏنو، شاداب 22 بالن تي 34 رنسن جي ڪارائتي اننگز کيڏيو، جڏهن ته بابر کي شاندار ففٽي اسڪور ڪرڻ تي پليئر آف مئچ جي ايوارڊ سان نوازيو ويو. ياد رهي ته پاڪستان سيريز جي پهرين مئچ ۾ بنگلاديشي ٽيم کي شڪست ڏني هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button