پاڪستان

ڪنهن کي به ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ نه ڏينداسين: آرمي چيف

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پاڪ فوج ملڪ کي دهشتگردي مان نجات ڏيارڻ لا وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، ڪنهن ملڪ، فرد يا گروهه کي سياسي ۽ معاشي طور پاڪستان ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ نه ڏينداسين، امن جي خواهش کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. ملڪ جي هڪ هڪ انچ جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار آهيون. ملڪ جون سرحدون مضبوط هٿن ۾ آهن. ڪاڪول اڪيڊمي ۾ 146 هين ايم اي لانگ ڪورس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. پاس آئوٽ ٿيندڙ ڪيڊٽس کي مبارڪون ڏيان ٿو. توهان کي هجڻ گهرجي ته توهان هن عظيم فوج جو حصو بڻجڻ وڃي رهيا آهيو. هن فوج پاڪستان کي دهشتگردي مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. 42 سال اڳ مون به هن اداري مان ٽريننگ حاصل ڪئي هئي تڏهن مون اهو بلڪل نه سوچيو هو ته مان هن عظيم فوج جي ڪمانڊ سنڀاليندس. آرمي چيف وڌيڪ چيو ته اڳيان جو سفر اوهان لاءِ تمام گهڻا چئلينج کڻي ايندو. اوهان کي مستقبل ۾ وڏا فيصلا ڪرڻا آهن. ملڪ جي حفاظت، عزت ۽ بهتري لاءِ ڪم ڪرڻو آهي. ملڪ جي سلامتي لاءِ اوهان کي قربانيون به ڏيڻيون پونديون. جنرل باجوا چيو ته ڪنهن به ڪوڙي خبر يا پروپئگنڊا تي ڌيان نه ڏيو. اسان کي ڀرپور ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته باهه جي شعلن کي پنهنجي خطي کان پري رکون، اسان کي طريقيڪار اختيار ڪري گڏيل معاملن کي حل ڪرڻ لا امن کي موقعو ڏيڻ گهرجي، هڪٻئي سان وڙهڻ بدران اسان کي گڏجي بک، غربت ۽ جهالت جو مقابلو ڪرڻ گهرجي، اسان کي گڏجي تڪڙي وڌندڙ آبادي، ماحولياتي تبديلي ۽ بيمارين جو مقابلو ڪرڻو آهي، پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي جيڪو پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو. پاڙيسري ملڪن سان سمورا مسئلا پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جا خواهشمند آهيون پر امن جي خواهش کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. اسان ملڪ جي هڪ هڪ انچ جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار آهيون. ملڪ جون سرحدون مضبوط هٿن ۾ آهن. اسان ڪنهن کي به پنهنجي ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. واضح رهي ته پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ 4 عورتن سميت 20 پرڏيهي ڪيڊٽس به شامل هئا، جن جو تعلق قطر، سريلنڪا، نيپال ۽ عراق سان آهي. تقريب ۾ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن سميت پرڏيهي سفارتڪارن شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button