پاڪستانسنڌ

فريدآباد ۽ ڀرپاسي بيمارين وگهي 3 ڄڻا فوت، انگ 60 ٿي ويو, ٻوڏ متاثرن جو احتجاج

فريدآباد: فريدآباد ۽ ڀرپاسي ۾ ٻوڏ جي تباهين بعد بيمارين جا ڪلور جاري، وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ 60 ٿي ويو. خبر موجب فريدآباد ۾ ٻوڏ متاثرن سان ڪلور جاري آهن. پيئڻ جو صاف پاڻي، کاڌ خوراڪ نه ھجڻ ڪري مختلف بيمارين گيسٽرو، مليريا، دم ۽ سھڪي جي بيماري ۾ فريدآباد واسي ايس ٽي پي ڪارڪن عبدالوحيد چنا، ميرپور واسي جان محمد چانڊيو ۽ عاليوال سڍر جو رهواسي غلام مصطفى ڇاٻرو فوت ٿي ويا آهن. جڏهن ته فوتين جو انگ وڌي 60 ٿي ويو آهي. ٻوڏ متاثر ٻن مھينن کان بي يارومددگار بڻيل آهن. جڏهن ته ٻوڏ سبب ڳوٺ الھڏنو تيوڻو، مٿين اکڪڍائي ڀنڀا ڏيرا، ولي محمد رند، علي بخش تيوڻو، ڇٽو ميرواڻي، سڄڻ ميرواڻي، علي گوھر چانڊيو، رمضان گائينچو، موجھڙ ۽ ٻين ڳوٺن جي رھواسين جا ٻوڏ ۾ گھر ڊھي پوڻ ڪري کلي آسمان ھيٺ ويٺا آهن.

ٻوڏ متاثر پيئڻ جي صاف پاڻي جي سھولت نه ھجڻ ڪري مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن. ھوڏانھن ڪاڇي ۾ سماج ڪارڪن جي ايم چانڊيو ۽ الخدمت فائونڊيشن جماعت اسلامي جي امتياز چانڊيو، فھد بروھي، مولوي علي حيدر کوسو پاران ٻوڏ متاثرن لا روزاني پڪل کاڌي جون ديڳيون لاھي کاڌو کارائڻ وارو عمل جاري آهي. جڏهن ته فريدآباد ۾ روڊ جا ڪٽ بند نه ڪرڻ ۽ ٻوڏ متاثرن جي واھر نه ڪرڻ خلاف دڪاندار ايسوسيئيشن جي صدر شفيق احمد چنا، علي اڪبر سمون، شفيق احمد بروھي، عبدالقادر ٻگھيو، علي گوھر چنا، نثار خاصخيلي، صمد بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سٽي گيٽ تي ڌرڻو ھنيو ويو. مظاهرين چيو ته فريدآباد جا روڊ بحال ڪيا وڃن، ٻوڏ متاثرن جي واھر ڪئي وڃي. هنن چيو ته فريدآباد ۾ بدامني وڌي رھي آهي، دڪاندار غير محفوظ بڻيل آهن، هنن مطالبو ڪيو ته فريدآباد ۾ پوليس کي الرٽ ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button