راڌڻ: راڌڻ ۾ ڳوٺ پپري جي رھواسڻ پٺاڻي زال خدابخش مھيسر سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته بااثر محمد قاسم پٽ محمد ميرل اوڍاڻو ويٺل ڳوٺ آڍاڻي مون مسڪين کي سعودي جي ويزا جو آسرو ڏئي چيائين ته پئسا ڏيو ته توهان کي مان سعودي ٿو موڪليان، مان ھن کي پئسا ڏنا پر مون ھن کي چيو ته مون کي ثبوت ڏئي، ھن 2 جيڪ ڏنا ھڪ ھڪ لک روپيا جا جن مان ھڪ منھنجي نالي تي ۽ ھڪ منھنجي مڙس جي نالي تي آهي، ڪجهه ڏينهن بعد محمد قاسم ٻيهر آيو ۽ چيو ته توهان جون ويزائون لڳي ويون آهن، ھاڻي پئسا ڏيو. مون چيو ته في الحال پئسا ناھن ڀلا ھي پلاٽ جا ڪاغذ توهان پاڻ وٽ رکو. ڪافي ڏينهن کانپوءِ محمد قاسم آيو ته ھي پلاٽ مان رکان ٿو گروي پر ھن تي آڱوٺو ھڻو.
مون آڱوٺو ھنيو پوءِ خبر پئي ته ھن منھنجو پلاٽ 12 لکن ۾ کپائي ڇڏيو آهي، مان ھن ڏي پاڪ ڪتاب کڻي ويس ته ھن مون کي چيو ته جيڪڏهن منهنجي خلاف ٿاڻي تي ويندي يا ڪنھن وڏيري وٽ ته مان تنهنجي ڌيءَ کي اغوا ڪندس، جيڪا وي آ پي اسڪول ميھڙ ۾ پڙھندي آهي ۽ توکي به قتل ڪندس. هن چيو ته مون کي يا منهنجي خاندان کي ڪوبه جاني ۽ مالي نقصان ٿيو ته انھيءَ جا ذميوار اھي ئي آھن. ھن مطالبو ڪيو ته ايجنٽ کي گرفتار ڪري منھنجا ڦريل پيسا واپس ڏياري مون مسڪين سان انصاف ڪيو وڃي.