ٿرڙي محبت: ٿرڙي محبت ۾ پي پي ايڇ آءِ ڊاڪٽر جي ناجائزين خلاف 32 هين ڏينهن به سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ صحافين احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بُک هڙتال جاري رکي. اڳواڻن پاران اڄ کان پي پي ايڇ آءِ اسپتال جي مک دروازي وٽ ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو. ان موقعي شهري اتحاد جي صدر ممتاز مينگل، پ پ شهيد ڀٽو جي ذولفي کوکر، محبوب کوکر، سماجي اڳواڻ شعبان لاشاري، صحافي زخمي ملاح، گلاب ڳن، انعام کوسو، صدرالدين جانوري، پي ٽي آءِ جي فيروزالدين ناريجو ۽ ٻين چيو ته پي پي ايڇ آءِ جي ڊاڪٽر نعيم مهيسر مريضن سان انڍنگو رَويو اختيار ڪندي کين دوا ڏيڻ بدران ڇڙٻون ڏئي موٽائي ڇڏي ٿو. جڏهن ته ڊاڪٽر پنهنجي آفيس ۾ ويهي مريضن کي تپاسڻ بدران اسٽور روم ۾ ويهي ڏينهن گذاري ٿو. اهڙي عمل خلاف شهر جون سڄاڻ ڌريون 32 هين ڏينهن کان احتجاج واري عمل تي آهي پر پي پي ايڇ آءِ انتظاميه پنهنجو اکيون بند ڪري ويٺي آهي، هنن چتاءُ ڏينهن چيو ته اڄ کان پي پي ايڇ آءِ اسپتال جي دروازي اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close