ڪڪڙ: ڪڪڙ جي ڳوٺ حاجي رمضان کوسو جي رهواسين علي بخش کوسو، حاجي کوسو، شفيع محمد کوسو، علي دوست کوسو، علي گل کوسو، نياز کوسو، محمد موسيٰ کوسو ۽ خادم کوسو پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي چيو ته برساتن سبب اسان جو سڄو ڳوٺ ٻڏي ويو، جنهن سبب سمورا ڪچا گهر ڊھي پَٽَ پئجي ويا، فصل تباهه ٿي ويا، ڳوٺ ٻاهران 5 فُٽَ پاڻي بيٺل آھي، جنهن سبب اسان کي اچ وڃ ۾ سخت تڪليف ٿئي پئي، رستو ۽ صحت جي سهولت نه ملڻ ڪري ٻن انساني جانين جو نقصان ٿيو آھي، هنن مطالبو ڪيو ته ڳوٺ مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي ڳوٺ وارن کي صحت جون سهولتون ڏئي ڦهليل بيچيني ختم ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close