سن: سن ۾ سول سوسائٽي طرفان پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف جي ايم سيد پليٽ فارم تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي محمد رمضان عمراڻي، غلام علي ڇڇر، آصف ملاح، صدام عمراڻي، سيد نظام شاھه، وقار جويو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پبلڪ ھيلٿ ۽ انتظاميا جي نااهلي سبب سن واسين کي پيئڻ جي پاڻي کان محروم رکيو پيو وڃي، جيڪو يزيدي ڪردار ادا ڪيو پيو وڃي ۽ من پسند ماڻهن کي ٽينڪرن ذريعي پاڻي پھچايو پيو وڃي ۽ ھزارين روپيا پاڻي جو ٽينڪر وڪرو ٿي رهيو آهي. ھنن وڌيڪ چيو ته انتظاميا موٽر خراب ھجڻ جو ڪوڙو جواز ڄاڻائي پاڻي بند ڪيو آهي. هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ختم ڪري شھرين کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close