ٽنڊو جان محمد: ٽنڊو جان محمد ۽ ڀرپاسي جي علائقي ۾ ھزارين ايڪڙن زمين ۾ 5 کان 6 فوٽ تائين برساتي پاڻي بيٺل آهي، جيڪو نيڪال نه ڪرائڻ خلاف ڳوٺاڻن احسان جروار ۽ محمد علي ڪلوئي جي اڳواڻي ۾ انب موري اسٽاپ تي ميرپورخاص-نئوڪوٽ روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. هنن چيو ته ٻن مھينن کان برساتي پاڻي بيٺل آهي، انتظاميا پاڻي ڪڍڻ لا ڪي به اپا ناہن ورتا، ماڻھو گھرن کان دربدر آهن، جن جي ڪير به واهر ڪرڻ لا تيار ناهي. هوڏانهن ايس ڊي ايم ڊگھڙي ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close