پاڪستانسنڌ

ڪي اين شاھه مان پاڻي جي نيڪال ۽ بحالي لا پورھيت مزاحمت تحريڪ جي ريلي

خيرپور ناٿن شاهه: پورھيت مزاحمت تحريڪ دادو طرفان تعلقي ڪي اين شاھه جي شھر ۽ ڀرپاسي جي ٻھراڙين مان پاڻي نيڪال، پوري تعلقي ۾ ٿيل جاني ۽ مالي نقصانن جي ازالي ۽ شھر جي بحالي لاءِ ميونسپل پارڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. جنھن ۾ پورھيت مزاحمت جي اڳواڻن اسد نظام چانڊيو، عبدالحفيظ، عرفان احمد، ايس ٽي پي اڳواڻ پير غبل شاهه ڳالھائيندي چيو ته ھي ٻيون دفعو آھي جو پيپلزپارٽي ڪي اين شاھه کي ٻوڙيو آھي، 2010 جي ٻوڏ کانپوءِ ماڻهن پنهنجي محنت سان گھر ۽ ڪاروبار سيٽ ڪيا ھئا، آگسٽ ۾ پيل برساتن جڳھين ۽ ڪاروبار کي نقصان پھچايو، مٿان وري ھي ھٿرادو آندل ٻوڏ سڀ ڪجھه تباھه ڪري ڇڏيو آھي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ھن نقصان جو ازالو ڪيو وڃي. تباھه ٿيل فصلن جي مد ۾ في ايڪڙ 2 لک ۽ تباھه ٿيل گھر جي مالي معاونت لا في خاندان کي 10 لک ڏيڻ سان گڏوگڏ تباھه ٿيل ڪاروبار کي ٻيهر بحال ڪرڻ لاءِ به مالي سھائتا ڪئي وڃي.

پاڻي اڃا وڌيڪ عرصو بيهڻ سان وبائي مرضن ۾ اضافو ٿيندو. هن وقت تائين 50 کان مٿي قيمتي انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن، مٿان ڪڻڪ جي فصل جي پوکائي به خطري هيٺ آهي، ڪڻڪ جو فصل نه ٿيڻ جي ڪري لکن جي آبادي ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته شهر کي ٻوڙائڻ ۾ پوري رياستي مشينري شامل رهي، آبپاشي کاتو مڪمل طور ناڪام ويو آهي، ان سان گڏ شهر جي تباهي ۾ ايم پي اي عبدالعزيز جوڻيجو ۽ ايم اين اي عرفان ظفر لغاري جي مجرماڻي غفلت به شامل آهي، تعلقي جي آبپاشي ۽ روينيو کاتي جي ملازمن، ايم پي اي ۽ ايم اين اي خلاف چارج شيٽ داخل ڪري اعلى سطحي انڪوائري ويهاري وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button