پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ ۾ نوجوان قتل، 2 زخمي

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ ٽائون ٿاڻي جي حد ياسين غوري ڳوٺ ۾ مڱرين جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ھڪ ڌر جي ماڻھن فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ نوجوان 23 سالن جو مشتاق مڱريو گوليون لڳڻ سبب قتل ٿي ويو، جڏهن ته 2 ڄڻا ممتاز ۽ رمضان مڱريو زخمي ٿي پيا، واقعي جي اطلاع تي پوليس پھچي مقتول جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي رمضان مڱريو جي ڳڻتي جوڳي حالت ھئڻ ڪري کيس حيدرآباد نيو ويو. جڏھن ته مقتول نوجوان جي والد حاڪم علي مڱريو جي فرياد تي ٽائون ٿاڻي تي ميرپورخاص جي وڪيل يار محمد مڱريو، سندس ٻن ڀائرن محمد اسماعيل ۽ محمد علي مڱريو مٿان قتل ڪيس داخل ڪيو ويو. فريادي ڄاڻايو ته ڄاڻايل ماڻھو ڪيتري عرصي کان سندس گھر تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، جن پاران گذريل ڏينهن اسان جي گھر تي ڪاھه ڪري حملو ڪيو ويو، جنھن ۾ منھنجو نوجوان پٽ قتل ٿي ويو. ٻئي طرف سول اسپتال ۾ مقتول جي والد حاڪم علي مڱريو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سان ظلم ٿيو آھي، وڪيل يار محمد مڱريو جي بڇ تي سندس ڀائرن اسماعيل مڱريو، محمد علي ۽ ٻين گھرن تي ڪاھه ڪرڻ بعد رپيٽر سان سڌي فائرنگ ڪئي، جنھن جي نتيجي ۾ نوجوان پٽ قتل ٿي ويو، ھٿياربندن گذريل ڏينهن موتمار ڌمڪيون ڏنيون، شڪايت ڪرڻ باوجود پوليس ڪا ڪارروائي نه ڪئي، پوليس جي نااهلي سبب پٽ قتل ٿيو، ھٿياربندن جي چڙھائي دوران پوليس کي اطلاع ڪيو، پر پوليس نه پھتي. ھوڏانھن پوليس ھڪ ڄڻي اسماعيل مڱريو کي گرفتار ڪري ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button