ڊگھڙي: ڊگهڙي ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول مير غلام حيدر ٽالپر ڪئمپ ۾ ترسيل ٻوڏ متاثر عورتن شميم خاصخيلي، جنت قمبراڻي، نسيمان خاصخيلي، زرينا عباسي، عزيزن عباسي، نوري خاصخيلي ۽ ٻين اي سي آفيس ۽ پريس ڪلب اڳيان ڌار ڌار مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر سميت انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته برساتن بعد اسان سميت لڳ ڀڳ 43 خاندان سرڪار پاران گورنمينٽ پرائمري اسڪول مير غلام حيدر ٽالپر ۾ قائم ڪيل رليف ڪئمپ ۾ ترسيل هئا، اسان سان ٺڳي ڪري ڪوڙا دلاسا ڏئي اسان کي اهو چئي ڪئمپ خالي ڪرائي وئي ته توهان کي ٽينٽ ۽ راشن ڏنو ويندو، اسان جي لسٽ جيڪا اڄ به اسسٽنٽ ڪمشنر ڊگھڙي آصف خاصخيلي وٽ موجود آهي، پر اي سي آفيس گهرائي ڪوڙا دلاسا ڏئي تاريخون ڏيندو رهيو. اسان مسلسل 15 ڏينهن ۽ راتين کان چڪر هڻون پيا، نه خيما مليا، نه ئي راشن ڏنو ٿو وڃي، جنهن سبب پريشان آهيون، راشن نه ملڻ سبب ٻار بکن تي آهن. عرتن خدشو ڏيکاريو ته ٽينٽ ۽ راشن اسسٽنٽ ڪمشنر من پسند ماڻھن کي ڏنا آهن. هنن ڪمشنر ميرپورخاص ۽ ڊي سي کان مطالبو ڪيو ته اي سي خلاف ڪارروائي ڪري ٽينٽ ۽ راشن ڏنا وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close