پاڪستانسنڌ

ٽنڊوالهيار ۾ گم ٿيل نوجوان کي اغوا ڪري مارڻ جو انڪشاف، ويڳو پي گرفتار

ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار ۾ 2 سال اڳ گم ٿيل نوجوان عيسى ساند کي ويڳي پي ۽ ٻين طرفان گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. واقعي ۾ مبينا ملوث پوليس اهلڪار سميت 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، جن ڏوهه جو اعتراف به ڪيو. ان سلسلسي ۾ ايس ايس پي ٽنڊوالهيار فاروق بجاراڻي پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته نوجوان عيسى ساند 2 سال اڳ ابراهيم شاهه جي ميلي تي وڃڻ کانپو گم ٿي ويو هو، جنهن بعد ڪالو ساند جي فرياد تي گمشدگي جو ڪيس به داخل ڪيو ويو. هن چيو ته هن ڳجهي معاملي کي حل ڪرڻ لا ڪيتريون ئي ٽيمون ۽ جي آئي ٽيز ٺهيون، پر قاتل پوليس اهلڪار هجڻ ڪري ڪو ثبوت ظاهري طور نه ڇڏيو هو، جنهن کانپو مون طرفان جوڙيل ٽيم جي انڪوائري دوران مک جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن جوابدار ڏوھه جو اعتراف ڪيو، جوابدار علي محمد اعتراف ڪندي چيو ته عيسى ساند کي ابراھيم شاھه جي ميلي مان اغوا ڪري کيس سندس ويڳي پي پوليس اهلڪار عدلو عرف عبدالڪريم ساند، سندس پٽن ۽ ڀائيٽن سان گڏجي گهر اندر گهٽا ڏئي قتل ڪري مٽياري جي ڇنڊڻ موري ۾ لاش اڇلايو. ايس ايس پي ٻڌايو ته نوجوان جو لاش مٽياري پوليس کي ڇنڊڻ موري مان مليو، جنهن ضروري ڪارروايون پوريون ڪري لاش ايڌي حوالي ڪيو، جن دفنائي ڇڏيو. ايس ايس پي ٻڌايو ته جوابدارن جو مقتول عيسى ساند سان زمين جو تڪرار هو، زمين جي لالچ ۾ اچي ويڳي پي پوليس اهلڪار عدلو عرف عبدالڪريم ساند نوجوان عيسى ساند کي قتل ڪيو، جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ پوليس ۽ وارث مسلسل ٻن سالن کان عيسى ساند جي ڳولا ڪندا رھيا، واقعي ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار آهن، پڇاڳاڇا جاري آهي، جوابدارن جو رمانڊ ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button