پاڪستانسنڌ

سنڌ وٽ ملڪ جي توانائي جي مسئلن جو حل موجود آهي:مراد شاهه

مٺي/ اسلام ڪوٽ: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه وزيراعظم شهباز شريف کي مائن پٽ ۽ ڪول فيلڊ بلاڪ 2 بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته ٿر ڪول پاڪستان لاءِ گيم چينجر آهي، رڳو 70 ايم ٽي پي اي ڪوئلي جي برآمد سان هر سال 4 ارب ڊالرن جو اقتصادي راهداري نفعو ڪمائي سگهجي ٿو ۽ ان مان نه رڳو بجلي پر گڏوگڏ ملڪ ۾ ڀاڻ جي پيداوار لاءِ سائن گئس پڻ حاصل ڪري سگهجي ٿي، تنهن ڪري صوبائي ۽ وفاقي حڪومت کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن ملڪ ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي نئين باب کي شروع ڪرڻ لاءِ پنهنجا وسيلا ڪتب آڻي سگهجن. پريزنٽيشن دوران پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وفاقي وزير احسن اقبال، مصدق ملڪ، خرم دستگير، صوبائي توانائي وارو وزير امتياز شيخ، چيئرمين حبڪو، سي اي او ايس اي سي ايم سي عامر اقبال ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. هن وڌيڪ چيو ته ڪول گيسيفيڪيشن کي ڀاڻ لاءِ سائن گيس (ايس اين جي) پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو ۽ جيڪڏهن 60 ايم پي ٽي اي استعمال ڪيو وڃي ته 3 ارب ڊالرن جو پرڏيهي مٽاسٽا حاصل ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته اڳوڻو وزيراعظم عمران خان ٿر جو دورو ڪري ها ته هن وقت پاڪستان کي 10 هزار ميگاواٽ بجلي حاصل هجي ها، عمران خان دعوت باوجود ٿر اچڻ پسند نه ڪيو، سنڌ وٽ پاڪستان جي توانائي جي مسئلن جو حل موجود آهي، ٿر ڪول پاور پلانٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته ٿر ڪول پاڪستان جي معيشت لاءِ گيم چينجر آهي. صوبي ۾ ڪوئلي ۽ گئس جا وسيع ذخيرا موجود آهن، هوا وسيلي 50 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي سگهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button