پاڪستانسنڌ

لطيف يونيورسٽي جي پوائنٽ بس واٽهڙو کي چيڀاٽي ماري وڌو

خيرپور: شاهھ عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جي گرلز پوائنٽ بس جو ٺيڙھي ڀرسان واٽھڙو لال ڏنو ڀيو کي ٽڪر ھڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، جنهن کي اتي موجود ماڻهن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو، جتي زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. جڏهن ته لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. موقعي تي موجود ماڻهن جو چوڻ هو ته پوائنٽ بس ڊرائيور نشي جي حالت ۾ ھو، جنھن ڪري روڊ جي پاسي بيٺل واٽھڙو مٿان پوائنٽ چاڙهي ڇڏي. جڏهن ته يونيورسٽي جي شاگردن جو چوڻ آهي ته يونيورسٽي انتظاميا جي ڪرپشن جي ڪري پوائنٽ بسن جو رستي تي خراب ٿيڻ ۽ بريڪ فيل ٿيڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي. آخري اطلاعن تائين ٻٻرلوءِ پوليس واقعي جو ڪيس داخل نه ڪيو ۽ نه وري جوابدار کي گرفتار ڪيو ھو. جڏهن ته يونيورسٽي انتظاميا کان موقف وٺڻ لاءِ رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر يونيورسٽي جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري فون اٽينڊ نه ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button