صدر عارف علوي تحريڪ انصاف جي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ پٺيان سازش جو امڪان رد ڪري ڇڏيو. هڪ انٽرويو ۾ سائفر بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آئون ان ڳالهه جو قائل نه آهيان ته ڪا سازش ٿي آهي، عمران خان جو وڪيل نه آهيان پر آئين ۾ فوج جو سياست ۾ ڪو به ڪردار ناهي. عمران خان جي ان سوال تي ته فوج کي نيوٽرل نه رهڻ گهرجي، صدر چيو ته آئون سندس (عمران جي) ڳالهين کي سمجهائي نٿو سگهان. هن چيو ته آرمي چيف طرفان جٿن کي معاشي ۽ سياسي عدم استحڪام جي اجازت نه ڏيڻ بابت ڏنل بيان بلڪل درست ۽ آئيني آهي، آرمي چيف کي ان کانسوا ٻيو ڪجهه چوڻ به نه گهرجي. عارف علوي اها به وضاحت ڏني ته عمران خان سندس ليڊر هو ۽ آهي، صدر جي عهدي لا به عمران خان ئي نامزد ڪيو، عمران خان سان گڏجي 22 سالن تائين سياسي جدوجهد ڪئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close