پاڪستانسنڌ

پ پ سان ذاتي دشمني ناھي پر ھنن وڏو ظلم ڪيو آهي: لياقت جتوئي

راڌڻ: راڌڻ لڳ ڳوٺ يعقوب پنھور ۾ مختلف برادرين طرفان پ پ پ کي ڇڏي لياقت علي جتوئي تي اعتماد جو اظھار ڪندي پي ٽي آ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پي ٽي آ اڳواڻ لياقت جتوئي پ پ تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته منهنجي پ پ سان ڪابه ذاتي دشمني ناھي پر ھنن وڏو ظلم ڪيو آهي.

ھنن سنڌ جي ھر شي تباھه ۽ برباد ڪري ڇڏي آهي، ھٿ سان سڄي سنڌ ٻوڙائي مال کاڌو آهي، کاٽين ۽ بندن جا اربين رپيا کاڌا آهن جنهن سبب ٻوڏ آئي ۽ بند ٽٽي پيا ۽ سنڌ تباھه ٿي پر مان 16 سال ھنن سان مزاحمت ۽ محاذ آرائي ڪئي آهي ته غريب مظلومن جو مال نه کائو، يتيم غريب مظلوم مسڪينن جا پيسا نه کائٔو، صحيح طريقي سان روڊ رستا اسڪول اسپتالون ڏيو، ھنن ھر شئ ھڙپ ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button