پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ لڳ حافظ قرآن نوجوان تي تشدد، لوهي سيخن سان ڏنڀ

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ گوڙاڻو ۾ بااثر پاران نوجوان حافظ قرآن محمد حنيف لوڍو کي پڪڙي لوهي سيخن سان ڏنڀ ڏنا ويا، دانهن باوجود ڪنهن کي رحم نه آيو، متاثر نوجوان جا وارث تشدد ڪندڙن خلاف جهانگرو ٿاڻي تي پهچي ويو، ايس ايڇ او کين موٽائي ڇڏيو. اُن سلسلي ۾ ڳوٺاڻن زخمي نوجوان حنيف لوڍو سان گڏ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري بااثرن خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ڳوٺاڻن الهجڙيو لوڍو، امين لوڍو، ربو لوڍو، شوڪت ڀٽي، زينب ٻائي، قائمان ٻائي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ بااثر سليمان لوڍو اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، مسلسل پنجن سالن کان هُو اسان تي حملا ڪرائيندو رهيو آهي، گذريل ڏينهن سليمان لوڍو پاران حاڪم لوڍو، مبارڪ لوڍو، حڪيم لوڍو، عثمان، فيض محمد لوڍو ۽ ٻين کي بڇ ڪري اسان جي نوجوان حافظ قرآن محمد حنيف لوڍو کي مسجد مان سوگهو ڪري ڪڍيو ۽ بعد ۾ رسن سان ٻڌي مٿس تشدد ڪري لوهي سيخن سان ڏنڀ ڏنا، جيڪي نوجوان جي جسم تي اڄ به نشان موجود آهن، سليمان لوڍو اسان جي نوجوان تي تشدد ڪيو آهي، زخمي جي دانهن کڻي جهانگرو ٿاڻي تي وياسين ته ايس ايڇ او متاثر نوجوان جي ما کان 20 هزار گهريا، پئسا نه هئڻ تي اسان چندو ڪري ايس ايڇ او کي 10 هزار ڏنا، ايس ايڇ او پئسا وٺڻ باوجود اسان جي دانهن ٻچڻ بدران اُتان تڙي ڪڍي ڇڏيو. هنن چيو ته اسان جي حياتين کي خطرو آهي، بااثر شخص نقصان ڏيندو. هنن گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي بااثر خلاف ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button