پاڪستانسنڌ

سمنڊ ۾ شڪار ڪندڙ جاتي جا 2 مهاڻا ڀارت فورسز هٿان گرفتار

جاتي: جاتي لڳ ڀارتي بارڊر سيڪيورٽي فورس عربي سمنڊ جي حرامي ڍوري مان ٻن پاڪستاني مهاڻن کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار ڪيل مهاڻن ۾ ياسين شيخ ۽ محمد شيخ شامل آھن. سندن تعلق جاتي تعلقي جي ساحلي پٽي واري ڳوٺ زيرو پوائنٽ سان آھي، مهاڻن جي گرفتاري جي تصديق ڪندي فشر فوڪ فورم جي مرڪزي وائيس چيئرمين نور محمد ٿھيمور چيو ته انڊين فورسز پاران مهاڻن جي گرفتاري جي مذمت ڪريون ٿا، گرفتار ڪيل مسڪين مهاڻا پنهنجي ساٿي ملاحن سان گڏ عربي سمنڊ جي حرامي ڍوري ۾ مڇي جو شڪار ڪري رھيا هئا ته ڀارتي فورسز ڪاھه ڪري ڏني ۽ کين گرفتار ڪري ورتو. هن وڌيڪ چيو ته اسان جا مهاڻا پنهنجي ٻارن جو پيٽ گذر ڪن ٿا، انهن جي گرفتاري ۽ ٻيڙين کي ضبط ڪرڻ بين الاقوامي قانون جي خلاف ورزي آهي. هن مطالبو ڪيو ته پاڪستاني ۽ ڀارتي جيلن ۾ قيد سمورن ماهيگيرن کي انساني همدري تحت فورن آزاد ڪيو وڃي. ھن چيو ته زيرو پوائنٽ جاتي جا رھواسي 16 مھاڻا اڳ ئي ڀارتي جيلن ۾ سالن کان قيد آھن، وڌيڪ ٻن مهاڻن جي گرفتاري سان ڀارت ۾ قيد سجاول ضلعي جي مهاڻن جو انگ وڌي 58 ٿي ويو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button