پاڪستانسنڌ

ڇاڇرو ۾ چار نور روڊ برساتن ۾ اکڙي ويو، انتظاميا خاموش

ڇاڇرو: ڇاڇرو کان چار نور سمون رند ڪروڙو ڏانهن سوين ڳوٺن کي ملائيندڙ مک روڊ ضلعي روڊس کاتي جي آفيسرن جي نااهلي سبب اکڙي ويو، ضلعي روڊس کاتي جي آفيسر فنڊ نه هئڻ جو جواز ڄاڻائي مرمت ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو. علائقي واسين ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪيو، پر اختيارين نوٽيس نه ورتو، ڊي سي ٿر به روڊ جي مرمت لا ڪجهه نه ڪيو. ڳوٺاڻن چيو ته هن سال ٿرپاڪر ۾ گذريل ڏيڍ مهيني کان وقفي وقفي سان هلندڙ زوردار برسات سبب روڊ تباهه ٿي ويو آهي، پر انتظاميا روڊ جي مرمت نٿي ڪرائي، ان ڪري حادثا معمول بڻيل آهن. بساتن ۾ روڊ جو اڌ حصو لڙهي ويو آهي. هنن گهر ڪئي ته جلد روڊ جي مرمت ڪرائي وڃي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايڪسئين روڊس مٺي ڪشور ڪمار ٻڌايو ته اسان وٽ فنڊ ناهن، ڪٿان کان ڀرائي ڪرايون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button