پاڪستانسنڌ

روهڙي ۾ تاريخي مسجد برساتن ۽ ٻوڏ جي پاڻي سبب تباهي ڪناري

روهڙي: سنڌو درياهه روهڙي ۾ 992 هجري ۾ اڪبر بادشاهه جي دور ۾ تعمير ڪرايل وار مبارڪ جامع مسجد جنهن جو بنياد اڪبر بادشاھه رکيو هو. ان تاريخي ماڳ کي گذريل برساتن ۽ سنڌو درياءَ جي ٻوڏ واري پاڻي جي اڱڻ ۾ داخل ٿيڻ سان مسجد جي مختلف حصن کي نقصان پهتو آهي، ان سان گڏ مدرسي جي ڇت ۽ مسجد جي گنبذ کي به نقصان پهتو آهي. ٻي طرف نمازين لياقت علي مخدوم، امجد علي مخدوم، محفوظ علي مخدوم، نياز علي مخدوم، ظفر محمد مخدوم، خورشيد مخدوم، رحمت الله مخدوم ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته بهترين ڪاريگري سان تعمير ٿيل مسجد جي اندرين ۽ ٻاهرين حصن تي ماضيءَ جي ياد تازي ڪندڙ خوبصورت چٽڪاري ۽ لکيل تحريرن کي سخت نقصان پهتو آهي، حڪومت مسجد جي تاريخي حيثيت کي محفوظ بڻائڻ لاءِ هڪ ڪروڙ رپين جو فنڊ جاري ڪيو هو، جنهن کان پو تعميراتي ڪم برساتن سبب بند ڪيو ويو هو. هنن بلدياتي وزير ۽ ٻين اختيارين کان مسجد جو رولڙي جو شڪار ٿيل تعميراتي ڪم فوري طور تي شروع ڪرايو وڃي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي صوبائي وزير لوڪل گورنمينٽ سنڌ جي فوڪل پرسن عرفان علي دائود پوٽو جو چوڻ هو ته ان مسجد جي تاريخي حيثيت آهي ۽ هي قومي اثاثو آهي، ان جي مرمتي ڪم لا جلد ڊي سي سکر سان ڳالهايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button