پاڪستانسنڌ

هڱورجا ۾ ايم اين اي نفيسا شاهه جي پهچڻ تي بک هڙتال ختم

ھڱورجا: پ پ ايم اين اي سيده نفيسا شاهه جيلاني ھنڱورجا، رسول آباد ۽ سيٺارجا بالا يوسين جي مختلف ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج جو نوٽيس وٺندي بک هڙتالي ڪيمپ تي پهتي. ان موقعي تي نفيسا شاهه چيو ته ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪري متاثرن جي جلد بحالي لا ڪوششون ڪنداسين، پ پ هميشه عوام جي حقن لا آواز اٿاريو آهي، پ پ چيئرمين جي هدايتن تي برسات متاثرن کي گهر ٺاهرائي ڏنا ويندا. جڏهن ته ايم اين اي سان ڳالهين بعد عزيز ميمڻ، ڪامريڊ خدابخش سھتو، ڪانڊيرو خان ۽ ٻين بک ھڙتالي ڪيمپ ختم ڪري ڇڏي. ٻئي طرف نفيسا شاهه ڳوٺ محمد آچر سھتو ۾ اڳوڻي پ پ اڳواڻ ۽ گئس ڪمپني جي آفيسر مرحوم نصير احمد سھتو جي وفات تي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button